پير عباس علي شاهه وارو نسخو

پير عباس علي شاهه وارو نسخو: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هيءُ نسخو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (سنڌ يونيورسٽيءَ) ۾ محفوظ آهي. هي اڻپورو ۽ ناقص نسخو آهي ۽ اڳيان پويان ڦاٽل آهي. ان جا فقط 103 ورق وڃي بچيا آهن. هي نسخو سر ڪلياڻ سان شروع ٿئي ٿو، پر ورقن ضايع ٿيڻ سبب ڪلياڻ، يمن ۽ کنڀاٽ ٽيئي سُر اڻپورا آهن. ان بعد سري راڳ، سامونڊي، سهڻي، سارنگ، ڪيڏارو، آبري، معذوري ۽ ديسي اَٺ سُر تقريباً سربستا ڏنل آهن. سسئيءَ جي چوٿين سر ڪوهياريءَ جا فقط ٻه داستان موجود آهن ۽ ان کان پوءِ وري رسالي جو باقي حصو ضايع ٿيل آهي. اصل ورقن تي ڪاتب جي ڏنل نمبرن مطابق (سر ڪوهياري، داستان ٻئي جي آخر تائين) 262 صفحا آهن، پر هن وقت 204 صفحا موجود آهن، جن ۾ 1012 بيت ۽ 86 وايون شامل آهن. سنڌي الف، بي جي موجوده صورتخطيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته هيءُ نسخو ويجهي پوئين دور ۾ نقل ڪيو ويو هو. ڪاتب نهايت ئي خوشخط هو ۽ ڪن حرفن (ت، ج، ڙ، ڦ، ک، ڱ ۽ ن) لاءِ پنهنجي طرفان سهڻائيءَ خاطر ڪي خاص صورتون قائم ڪيون اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو